نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن پاران ڪوپ – 28 ۾ مو??مي??تي تبديلي جي حو??لي سان ساليانو 100 ارب ڊالر جي فراهمي جي واعدن تي عملدرآمد جو منتظر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظ?? چيو ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن پاران ڪوپ – 28 ۾ مو??مي??تي تبديلي جي حو??لي سان ماحولياتي تبديلي جي لاءِ 100 ارب ڊالر جي فراهمي ۽ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اڌ مالياتي وسيلا رکڻ، مو??مي??تي تبديلي سان ٿيندڙ نقصانن جي از??لي جي لاءِ فنڊز جي فراهمي ۽ فنڊز جي انتظامن کي فعال بڻائڻ ۽ گلوبل وارمنگ کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود رکڻ جي هدف جي لاءِ ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي جي هدفن جي حو??لي سان ڪيل واعدن تي عملدرآمد جو منتظر آهي. نگران وزيراعظ?? چيو ته پاڪستان کي درپيش فوڊ فيول ۽ فنانس ??ئل??نجز، ڪووڊ، تڪرارن ۽ اسرندڙ ملڪن تي مو??مي??تي تبديلي جي اثرن جي ڪري آهي، پاڪستان مو??مي??تي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. گذريل گرمي جي موسم جي شديد ٻوڏ اسان جي ملڪ جو ٽيون حصو ٻوڙي ڇڏيو، 1700 ماڻهو فوت ۽ 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا، اهم انفراسٽرڪچر تباهه ۽ پاڪستان جي معيشت کي 30 بلين ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. نگران وزيراعظ?? چيو ته پاڪستان گذريل جنوري ۾ جنيوا ڪانفرنس ۾ بح??لي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبي تحت 10.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي واعدن کي ساراهي ٿو، فور آر ايف منصوبي تي عملدرآمد ۽ فنڊز وقت سر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مخصوص منصوبا پيش ڪيا پيا وڃن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسان جا ترقياتي حصيدار بح??لي جي منصوبي جي لاءِ 13 ارب ڊالر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻائيندا.