اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگ??ان وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته غيرجانبدار ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ نگ??ان حڪومت جو مينڊيٽ آهي، ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، ڪنهن سياسي پارٽي سان امتيازي سلوڪ نه ٿيندو، چونڊن جي لاءِ سمورين سياسي پار??ين کي هڪ جهڙا موقعا ميسر آهن. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائي??دي اطلاعات واري نگ??ان وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، وسيلا به موجود آهن، سيڪيورٽي به آهي ۽ انتظامي مدد به آهي، اليڪشن ڪميشن جيڪا تاريخ ڏي??دي ان تي چونڊون منعقد ڪرائڻ کي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته نگ??ان حڪومت جو ڪم اليڪشن ڪميشن جي ??دا??تن تي عمل ڪرائڻ آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته نجڪاري واري نگ??ان وفاقي وزير فواد حسن فواد تي اعتراض غلط آهن، جيڪڏهن ان جي وابستگي هجي ها ته هو ٽن چئن مهينن جي لاءِ وزير ڇو بڻجي ها؟. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته بجلي چوري ختم ٿي??دي ته گردشي قرضن ۾ گهٽتائي اي??دي ۽ عوام کي ريليف به ملندو. هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ نجڪاري جا جيڪي منصوبا منظور ٿيا انهن تي ڪم ڪري سگهون ٿا.