اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجو غاصباڻو قبضو برقرار رکيو اچي، ڪشمي??ين جا ٽي نسل دنيا خاص طور تي ??ڏي?? قومن جي غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي پنهنجي واعدي کي پورو ڪرڻ جو انتظام ڪري رهيا آهن، عالمي برادري هاڻي پنهنجي ذميواري کان اکيون نٿي ٻُوٽي سگهي، ڀارتي حڪومت کي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 27 آڪٽوبر 2023ع جي ڏينهن جي مناسبت سان ”ڪاري ڏينهن“ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ ڄمون ۽ ڪشمير جي وڏي حصي تي ??ارت جي غاصباڻي قبضي کي 76 سال مڪمل ٿي ويا. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ??ارت پهريون ڀيرو پنهنجي فوج کي ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لا??و. ??ڏهن کان اڄ تائين ڀارت ان علائقي تي زبردستي قبضو جاري رکيو آهي. هن چيو ته گذريل 76 سالن ۾ ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني حڪمراني کي برقرار رکڻ جي لاءِ مختلف حربا آزمايا آهن جڏهن ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان هڪ ڪڌي مهم شروع ڪئي آهي جنهن تحت ڪشمي??ين کي انهن جي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار رهواسين ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪڌي سازش زورن تي آهي. ڀارت انهن ڪڌي ارادن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن جهڙوڪ چونڊ تڪن ۾ ڦيرڦار، چونڊ فهرستن ۾ غيرڪشمي??ين جو اضافو، ڪشمير کان ٻاهر جي ماڻهن کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ ۽ زمينن ۽ جائيدادن جي ملڪيت بابت نوان قانون متعارف ڪرائڻ آهي، اهي غيرجمهوري ۽ غيرقانوني قدم ??ڏي?? قومن جي سلامتي ??ائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌوسنئون خلاف ورزي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اڄ ڪشمير دنيا جو هڪ اهڙو خطو آهي جتي سڀ کان وڌيڪ قابض فوج مقرر آهي، ڪشميري عوام جا حقيقي نمائندا سالن کان اڻڄاتل مدي تائين گهيري ۾ آهن، ڏاڍ کي لڪائڻ ۽ اختلاف راءِ کي دٻائڻ جي لاءِ ميڊيا تي پابنديون وڏي پئماني تي مڙهيون پيون وڃن. هن چيو ته گذريل ٽن ڏهاڪن دوران هزا??ين بيگناهه ڪشميري مرد، عورتون ۽ ٻار ڀارتي ??اڍ جي ڪري پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن جڏهن ته ڀارت ڪشمي??ين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ ??ازه ت??ين اڳڀرائي مان واضح ٿي ويو آهي ته وڏي عرصي کان حل طلب تڪرار عالمي امن جي لاءِ مسلسل خطرو آهن، ڪشمي??ين جا هڪ ٻئي پٺيان ٽي نسل دنيا خاص طور تي ??ڏي?? قومن جي غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي پنهنجي واعدي کي پورو ڪرڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن، عالمي برادري هاڻي پنهنجي ذميواري کان اکيون نٿي ٻُوٽي سگهي. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ??يادتين جو جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن، ڀارتي حڪومت کي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي، ڀارت کي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي روڪڻو پوندو ۽ ??ڏي?? قومن جي سلامتي ??ائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻو پوندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين وانگر پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ڪشمي??ين جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پنهنجي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.