اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي حڪم جي خلاف ايئر يو??يورسٽي جي درخواست رد ڪندي ڪورونا جي ڪري بي ايس ??گر?? جي باقي ڪورسز مڪمل ڪرڻ کان قاصر رهندڙ شاگردياڻين کي پنهنجي ??گر?? مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اضافي سال ڏيڻ جي معاملي تي نظرثاني ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صدر يو??يورسٽي پاران شاگردياڻي جي ڪيس تي وقت سر ڪارروائي نه ڪرڻ تي جو ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي پاليسي ۽ يو??يورسٽي ق??عدن ۾ توسيع ڏئي اهڙا مسئلا حل ڪرڻ جون شقون موجود آهن. يو??يورسٽي وٽ ايڇ اي سي جي پاليسي ۽ سفارشن کان انحراف ڪرڻ جو ڪو سبب نه آهي. هن چيو ته يو??يورسٽي بدانتظامي جي درستگي بدران عوامي خزاني ۽ شاگردياڻي جي وقت جي زيان کي نظر ۾ رکڻ کانسواءِ محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست داخل ڪئي. صدر ايئر يو??يورسٽي تي زور ڏنو ته شاگردياڻي جي لگن، محنت ۽ سرمائي کي ضايع نه ٿيڻ ڏنو وڃي ۽ سمورن شاگردن خاص طور تي شاگردياڻين جي مدد ۽ رهنمائي جي لاءِ قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايئر يو??يورسٽي جي اقراءِ منير نالي شاگردياڻي وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي ته هوءَ ايئر يو??يورسٽي سان واڳيل ڪاليج ۾ سائيڪالوجي پروگرام بيچلر آف سائنس (آنرز) جي شاگردياڻي آهي، هن ڪورونا ۾ مبتلا هجڻ جي ڪري 2020ع ۾ ??گر?? مڪمل نه ڪري سگهي هئي. ??گر?? مڪمل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اضافي سال جي لاءِ يو??يورسٽي سان رابطو ڪرڻ تي شاگردياڻي کي ايڇ اي سي سان رابطو ڪرڻ جو چيو ويو. ايڇ اي سي مجاز اٿارٽي کي ميڊيڪل هسٽري ۽ يو??يورسٽي ق??عدن کي نظر ۾ رکندي توسيع جي معاملي تي غور ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي پر هڪ سال ??ذر?? وڃڻ جي باوجود توسيع نه ملڻ تي شاگردياڻي وفاقي محتسب کي درخواست ڏني هئي. وفاقي محتسب ايئر يو??يورسٽي کي اقراءَ منير جو ڪيس يو??يورسٽي جي فنڪشنل ڪميٽي آڏو نظرثاني جي لاءِ رکڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن جي خلاف يو??يورسٽي صدر کي درخواست داخل ڪئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته يو??يورسٽي ايڇ اي سي جي سفارشن تي عمل نه ڪيو ۽ ڪنهن مجاز اٿارٽي آڏو نه رکيو، شاگردياڻي ڪورونا جي ڪري بيمار هئي، ??گر?? مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اضافي وقت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪرڻي پئي. صدر چيو ته ايڇ اي سي پاليسي موجب ??گر?? مڪمل ڪرڻ جو مدو 6 سال آهي جيڪو منظوري کانپوءِ هڪ سال تائين وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن شاگردياڻي جو ڪيس وقت تي ڪميٽي آڏو رکيو وڃي ها ته مسئلو حل ٿي سگهيو پئي پر ائين نه ڪيو ويو، يو??يورسٽي پنهنجي بدانتظامي ختم ڪرڻ بدران وقت ۽ وسيلن جو زيان ڪيو. صدر وفاقي محتسب جي حڪم جي خلاف ايئر يو??يورسٽي جي درخواست رد ڪندي هدايت ڪئي ته وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ايڇ اي سي جي پاليسي ۽ سفارشن موجب شاگردياڻي کي سهولت ڏني وڃي.