اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ سيڙڪاري جي لاءِ 7 مفاهمتي ياداشتن جي منظوري ڏئي ڇڏي جن تي نگران وزيراعظم جي ڪويت جي دوري دوران صحيحون ڪيون وينديون، خوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائو??سل جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ڪويت پاڪستان ۾ مختلف شعبن جي انهن 7 منصوبن تي 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. ڪابينا پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ 7 مفاهمتي ياداشتن جي منظوري ڏني جن تي نگران وزيراعظم جي ڪويت جي دوري دوران صحيحون ڪيون وينديون. خص??صي سيڙپڪاري سهولت ڪائو??سل جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ڪويت پاڪستان ۾ مختلف شعبن جي 7 منصوبن ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪندو. انهن منصوبن ۾ پاڻي ذخيرن جي توسيع، کاڻين جي کوٽائي جي سهولتن، سامونڊي علائقن جي لاءِ تمر جي ٻيلن جي حفاظت ۽ توسيع، آءِ ٽي جي شعبي ۽ خوراڪ جي تحفظ جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جا منصوبا شامل آهن. نگران وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا خص??صي سيڙپڪاري ڪائو??سل ۽ لاڳاپيل وزارتن جي ان حوالي سان ڪوششن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي سطح تي صحيحون ٿيندڙ انهن مفاهمتي ياداشتن ۾ صوبن سان تعاون يقيني بڻايو وڃي ته جيئن انهن منصوبن جي ت??مي?? جلد ۽ شفاف طريقي سان ٿي سگهي. وفاقي ڪابينا 14 نومبر 2023ع تي منعقد ٿيندڙ قانونسازي معاملن (سي سي ايل سي) بابت ڪابينا ??مي??ي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي ??وث??ق ڪئي. وفاقي ڪابينا 15 نومبر 2023ع تي منعقد ٿيندڙ اقتصادي رابطا ??مي??ي (اي سي سي) جي اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن جي پڻ ??وث??ق ڪئي.