اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ن??ڪا??ي ڪميشن (ترم??مي) آرڊيننس 2023ع جاري ڪري ڇڏيو. آرڊيننس جومقصد ن??ڪا??ي معاملن ۾ غيرضروري دير ختم ڪرڻ، مسئلا حل ڪرڻ، قانون ۽ انصاف جي اصولن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب آرڊيننس جي مدد سان ن??ڪا??ي ڪميشن آرڊيننس 2000ع جي شق نم??ر 28 کان شق نم??ر 33 ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن. آرڊيننس جو مقصد ن??ڪا??ي اپيليٽ ٽربيونل جو قيام عمل ۾ آڻڻ آهي. نجڪاري اپيليٽ ٽربيونل وٽ ن??ڪا??ي بابت ديواني ۽ فوجداري معاملن تي ٻڌڻي ۽ فيصلن جو اختيار هوندو. نجڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000ع ۾ ملڪي هاءِ ڪورٽس کي ڏنل اختيار هاڻي ن??ڪا??ي اپيليٽ ٽربيونل کي منتقل ڪيا ويا آهن. آرڊيننس کان اڳ ملڪ جي سمورين هاءِ ڪورٽس کي ن??ڪا??ي معاملن ۾ هڪ ئي وقت دائره اختيار حاصل هو. آرڊيننس تحت وفاقي حڪومت ٽن ميمبرن تي ٻڌل ن??ڪا??ي اپيليٽ ٽربيونل قائم ??ند??. صدر حڪومت پاران تجويز ڪيل ترم??مي آرڊيننس کي سيڪشن 28 جي ذيلي سيڪشن 2 (چار) ۾ تبديلي کانپوءِ منظور ڪيو. صدر تجويز ڪيل حڪومتي آرڊيننس ۾ اپيليٽ ٽربيونل جو چيئرپرسن هاءِ ڪورٽ جي رٽائرڊ جج بدران سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج لڳائڻ جي تبديلي ڪئي. آرڊيننس تحت سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج ن??ڪا??ي ٽربيونل جو چيئرپرسن هوندو. اپيليٽ ٽربيونل جو هڪ ٽيڪنيڪل ميمبر ۽ هڪ جوڊيشل ميمبر پن هوندو. اپيليٽ ٽربيونل جي فيصلن جي خلاف اپيل جي ٻڌڻي جو اختيار سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وٽ هوندو. نجڪاري اپيليٽ ٽربيونل جي فيصلي کان متاثر ڪو به شخص 60 ڏينهن جي اندر سپريم ڪورٽ آڏو اپيل داخل ڪري سگهي ٿو. نجڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000ع جا سيڪشن 30 ۽ 33 ختم ڪيا ويا آهن. صدر آرڊيننس آئين جي آرٽيڪل 89 هڪ تحت جاري ڪيو.