اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بحرين غزه ۾ خاص طور تي رمضان المبارڪ ۾ فوري جنگبندي ۽ معصوم فلسطينين کي انساني امداد جي فوري فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان ال??ليفه ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ بحرين جي بادشاهه شيخ حمد بن عيسيٰ ال??ليفه ۽ سندس شاهي خاندان بحرين جي ولي عهد ۽ ??زي??اعظم شيخ سلمان بن حمد ال??ليفه پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جنرل شيخ محمد جي پاڪستان ۾ شاندار آجيان ڪئي ۽ بحرين جي قيادت جا بطور ??زي??اعظم ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد جي پيغامن تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين دفاعي تعاون آهي ۽ ان جو د??رو انهن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. واپار جي حوالي سان ??زي??اعظم چيو ته هڪ ڀيرو جڏهن پاڪستان – جي سي سي آزاد واپاري معاهدو لاڳو ٿي ويندو ته موجوده ٻطرفو واپاري ڪاٿو هڪ ارب ڊا??ر ساليانو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافي جي صلاحيت آهي. ??زي??اعظم ڪنگ حماد نرسنگ اسپتال جو حوالو ڏنو جيڪا اسلام آباد ۾ تعمير هيٺ آهي. هن چيو ته اهو فليگ شپ پراجيڪٽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ بادشاهه جو تحفو آهي. 2014ع ۾ سندس دوري کي ياد ڪندي ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان ويجهي مستقبل ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بحرين جي بادشاهه جي ميزباني جو منتظر آهي. ان جي جواب ۾ جنرل شيخ محمد ??زي??اعظم شهباز شريف کي جلد کان جلد بحرين جو د??رو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ملاقات دوران غزه جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ڌرين خاص طور تي رمضان المباڪ ۾ فوري جنگبندي ۽ معصوم فلسطينين کي انساني امداد جي فوري فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو.