اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي مطالعي هيٺ 10 بهترين ڪتاب شيئر ڪيا آهن جن ۾ سياست، ??ار??خ، صوفي ازم، مصنوعي ذهانت ۽ فلڪيات جهڙا موضوع شامل آهن. هن پنهنجي تجزياتي را??ِ به جديد دنيا جي ڏس ۾ پيش ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر هڪ تفصيلي وڊيو پيغام ۾ ٻڌايو ته وسيع مطالعي جو م??صد الله جي ڪائنات، صوفي ازم، جمهوريت، پاڪستان، مصنوعي ذهانت جي لاءِ ان جي دلچسپي ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي ڳولا هئي. صدر عوام کي ڊيرون ايسي موگلو ۽ جيمز اي را??نسن جي ڪتاب ”اڪنامڪ اوريجن آف ڊڪٽيٽرشپ اينڊ ڊيموڪريسي“ پڙهڻ جي تجويز ڏني جنهن ۾ دنيا ۾ جمهوريتن جي بحالي جو تجزيو پيش ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ صدين جي جدوجهد ۽ اشرافيه جي جمهرويت جي خلاف مزاحمت جي ذريعي عوام جا حق ڊڪٽيٽرن کان واپس وٺڻ جي مشڪل سفر جي وضاحت ڪئي وئي آهي. ايس ايم ظفر جي ڪتاب ”??ار??خ ۾ جمهوريت ۽ اسلام“ چار خليفن جي چونڊ دوران جمهوري عمل ۽ ان جي ذريعي جمهوري ۽ عدالتي ادارن جي قيام تي روشني وڌي وئي آهي. اها اسلامي ??ار??خ ۾ مشاورت جي طريقن جي ارتقا ۽ اهميت کي اجاگر ڪري ٿي. ان ڪتاب ۾ حضرت عمر رضه جي هڪ خط جو حوالو ڏنو ويو آهي جنهن ۾ هن پنهنجي هڪ جج کي ماڻهن تائين پهچ برقرار رکڻ، ڌرين کي سهولت فراهم ڪرڻ، فيصلن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ عدل جي منافي سمجهڻ تي فيصلن ۾ ترميم ڪرڻ جي نصيحت ڪئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اهو به زور ڏنو ته جڏهن هو شڪايت ڪندڙن جي مفاد عامه جي فيصلن جي خلاف درخواستون ٻڌي ٿو ته غريب ۽ پري کان ايندڙن جو خاص خيال رکي ٿو. وائل بي هلق جي ڪتاب ”دي امپاسيبل اسٽيٽ“ اسلام، پاليٽڪس، اينڊ ماڊرينٽي“ اسلامي ??ار??خ ۾ قانونسازي جي عمل جي ??ار??خي ارتقا جو جائزو وٺي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلامي رياست جي پنج بنيادي اصولن جي وضاحت ڪئي جن ۾ جان ۽ مال جي حفاظت، سڀني جي لاءِ فڪر، عقيدي جي آزادي ۽ هڪ آزاد معاشري کي فروغ ڏيڻ شامل آهي. صدر ايلف شفق جي مولانا رومي ۽ شمس تبريز تي لکيل ڪتاب ”دي فورٽي رولز آف لو“ پڙهڻ جي پڻ سفارش ڪئي آهي، جيڪو صوفي ازم ۽ رومي ۽ تبريزي جي وچ ۾ گهري دوستي تي روشني وجهي ٿو. قرآن مجيد کي انسانيت جي لاءِ رهنما قرار ڏيندي، رومي محبت بابت هڪ منفرد موقف پيش ڪيو: ”پاڻ سان محبت ڪريو، پنهنجي خاندان سان محبت ڪريو، پنهنجي پاڙيسرين سان محبت ڪريو، پنهنجي ملڪ سان محبت ڪريو، ??نسانيت سان محبت ڪريو، ??لله تعاليٰ جي تخليق ڪيل هر شيءَ سان محبت ڪريو، پنهنجي نبي ﷺ سان محبت ڪريو، ۽ الله سان محبت ڪريو“، ماڻهن کي محبت جي سفر جي شروعات ۽ قرب الاهي تائين وڃڻ جي ترغيب ڏي ٿو.