اسلام آباد– 28 – مارچ (اي ??ي ??ي) پاڪستان چيو آهي ته هو بشام ويجهو ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حملي کانپوءِ چيني ??ڪومت سان رابطي ۾ آهي جنهن ۾ 5 چيني ??هرين جي جانين جو زيان ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته اهڙي طرح جون ڪڌيون ??ار??وايون هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي وڌيڪ سگهه ڏين ٿيون. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀاءُ آهن، اسان کي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته بشام دهشتگرد حملي جي منصوبابندي پاڪ چين دوستي جي دشمنن ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان گڏجي اهڙي سمورين قوتن جي خلاف پو??ي عزم سان ??ار??وائي ڪنداسين ۽ انهن کي شڪست ڏينداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ چيني ??هرين، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني ??ڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.