اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلو?? چيو آهي ته سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آ?? سعود جي قيادت ۾ سعودي وفد هلندڙ هفتي اسلام آباد جو دورو ڪيو جنهن جو مقصد وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي وچ ۾ مڪه المڪرمه ۾ ٿيندڙ تازي ملاقات ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت جي پيروي ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه کي تيز ڪرڻ هو. ترجمان پريس بر??فنگ ۾ چيو ته ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي گڏيل صدارت ۾ ٿيندڙ ”سعودي عرب پاڪستان سيڙپڪاري ڪانفرنس“ ۾ ڌرين توانائي، کاڻين جي کوٽائي، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعميرات، انساني وسيلن جي ترقي ۽ روانگي واپار جهڙن مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تجوي??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجما?? چيو ته سيڙپڪاري ڪانفرنس جو مقصد پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ هو. ه?? چيو ته اسان پنهنجي اقتصادي ۽ تزويراتي حصيداري کي وڌائڻ جي لاءِ سعودي عرب سان پنهنجي تعميري مصروفيتون جاري رکنداسين. پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ه?? چيو ته ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي ۾ وڌندڙ عدم استحڪام تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ فوري جنگبندي، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه ۾ گهيريل ماڻهن جي لاءِ بنا رنڊڪ انساني امداد تائين پهچ ڏيڻ تي زور ڏنو.