اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) ??در آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ عوامي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ روڊ ۽ ريل ٽرانسپورٽ کي وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو اچ وڃ جو سستو ذريعو آهي جنهن سان نه رڳو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌندا پر ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن ۾ به اضافو ٿيندو. ??در اهڙن خيالن جو اظهار چيف آف ترڪ جنرل اسٽاف جنرل متين گورڪ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪم??ٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جو سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. ??در وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ترڪيه سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آ??ي. ??ن ٻن ڀائر ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ٻطرفي ثقافتي مٽاسٽا خاص طور تي ادب ۽ شاعري جي شعبن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو. ??در ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ترڪيه پاڪستان جو مخلص دوست آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ڌرين جي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آ??ي. ??ن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي وڌيڪ چيو ته پاڪ ترڪ لاڳاپا اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي ڪري وڌيڪ بهتري طرف گامزن آهن. ان کان اڳ ايوان ??در ۾ منعقد هڪ خصوصي تقريب ۾ ??در آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي لاءِ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ ترڪيه جي چيف آف اسٽاف جنرل متين گورڪ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو.