اسلام آباد-29 جون (اي پي پي) نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بري ا??ام جي عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي غير معمولي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۽ سڄي دنيا مان ع??س جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ پانڌيئڙن کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ حضرت بري ا??ام ڪامپليڪس جي ترقي ۽ انتظامن بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن، گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد، سي ڊي اي چيئرمين، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد، اڳوڻي ا??م اين اي حنيف عباسي، جنرل (ر) افضل جنجوعه، راجا سرفراز اڪرم، سهيل اقبال ڀٽي، گوهر زاهد ملڪ، انعام رباني، محسن رضا نقوي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ حضرت بري ا??ام رحه جي سالياني عرس مبارڪ جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي نائب ??زيراعظم هدايت ڪئي ته عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي غير معمولي ڪيا وڃن. هن ع??س ۾ شرڪت ڪندڙ عورت پانڌيئڙن لاءِ مزار حضرت بري ا??ام رحه ڪامپليڪس ۾ خاص انتظامن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت به ڪئي ۽ چيو ته تقريبن جي دوران پانڌيئڙن کي ڪنهن به قسم جي ڪا به تڪليف نه اچڻ گهرجي. اجلاس ۾ عرس جي ا??تظامن جي سلسلي ۾ خصوصي ڪميٽي به قائم ڪئي وئي جنهن ۾ چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر سميت ٻيا عملدار شامل هوندا.