اسلام آباد – 09 – جولائي (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي جمهوريه آذربائيجان جو صدر الهام عليوف 11 کان 12 جول??ءِ تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوري دوران صدر الهام عليوف صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڌريون ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ گڏيل دلچسپي جي شعبن تي وسيع پئماني تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون. اميد آهي ته دوري دوران ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهم?? جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ٿينديون. بيان موجب آذربائيجان جي صدر جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط تعاون ۽ قياد?? جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جي عڪاسي ڪري ٿو.