راولپنڊي-29 جولاءِ (اي پي پي) گوادر ۾ نام نهاد بلوچ راجي مچي جي آڙ ۾ سيڪيورٽي جي ڊيوٽي تي مقرر فورسز جي اهلڪارن تي حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو جوان شهيد جڏهن ته هڪ آفيسر سميت 16 جوان زخمي ٿي پيا، پاڪ فوج ه??وم جي پرتشدد ڪاررواين کي نا??اب?? قبُول قرار ڏيندي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي عزم کي ورجايو. آءِ ايس پي آر موجب 29 جولاءِ تي نام نهاد بلوچ راجي مچي جي آڙ ۾ هڪ پرتشدد ه??وم گوادر ضلعي ۾ سيڪيورٽي تي موجود اهلڪارن تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سپاهي شبير بلوچ، عمر 30 سال رهندڙ سبي، شهيد ٿي ويو. ان کانسواءِ مظاهرو ڪندڙن جي بلاجواز حملن جي نتيجي ۾ هڪ آفيسر سميت 16 فوجي زخمي ٿيا آهن. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي غير قانوني پرتشدد مارچ لاءِ همدردي ۽ حمايت حاصل ڪرڻ لاء?? پروپيگنڊا ڪندڙن طرفان ڪوڙيون تصويرون ۽ جعلي وڊيوز جو استعمال ڪندي ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز اشتعال انگيزي باوجود غير ضروري شهرين جي مارجڻ کان بچ??ئڻ لاءِ انتهائي صبر جو مظاهرو ڪيو. ه??وم جون پرُتشدد ڪارروايون نا??اب?? قبول آهن ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. سمورن شهرين کي اپيل ڪئي وڃي ٿي ته اهي پروپيگنڊا جو شڪار نه ٿين، پراسڪون ۽ پرامن رهن ۽ امن امان کي برقرار رکڻ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي بلوچستان جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاء?? پرعزم آهي.