اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار ??ياز صادق جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جو اجلاس پارليامينٽ ها??وس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت خلاف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٺهراءُ آڻڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ٻين پارلياماني معاملن جي حوالي سان پ?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه سميت ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، بئريسٽر گوهر علي خان، خواجا اظهارالحس??، مير خالد مگسي، مولانا عبدالغفور حيدري، ملڪ محمد عامر ڊوگر، زرتاج گل، سيد نويد قمر، مير اعجاز حسين جکراڻي، من??ه حسن، بلال اظهر ڪياني ۽ سيد حميد الدين شرڪت ڪئي.