اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته بلوچستان ۾ ده??تگردي جي واقعن جي جاچ کان پوءِ حقيقتون ثبوتن سميت سامهون آڻينداسين، تخريبڪاري جا واقعا پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي سازش آهن. دشمن سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ملڪ ۾ انارڪي پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قا??ون لاڳو ڪندڙ ادارن وقت سر ڪارروائي ڪري 12 ده??تگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. ده??تگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي. گهرو وزير چيو ته بلوچستان حڪومت سان رابطي ۾ آهيون. امن جي فضا برقرار رکڻ لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ هڪٻئي پٺيان ده??تگردي جي واقعن ۾ شهيدن جي وارثن سان غم ۾ برابر جو شريڪ آهيون، ڪو جيڪڏهن اهو سمجهي ٿو ته هن بزدلاڻين ڪارروا??ين سان قوم جي پختي عزم کي شڪست ڏئي سگهي ٿو ته اها ان جي ڀُل آهي. هن چيو ته ده??تگردي جي مڪمل خاتمي تا??ين جنگ جاري رهندي. بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال کي مستقل بنيادن تي مانيٽر ڪيو پيو وڃي.