ڪوئٽا -26 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ هٿياربندن 23 مسافر?? کي گاڏين مان لاهي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويا. ضلع موسيٰ خيل جي سپرنٽينڊنٽ پوليس ايوب اچڪزئي موجب واقعو پنجاب بلوچستان جي قومي شاهراهه تي راڙاشم ويجهو پيش آيو. ايس پي شهرين جي مارجڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ان واقعي ۾ 23 ڄڻ?? کي گاڏين مان لاهي قتل ڪيو ويو. ايس پي موسيٰ خيل ايوب اچڪزئي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته لاش?? کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايوب اچڪزئي ٻڌايو ته هٿياربند پنجاب سان تعلق رکندڙ 6 ماڻه?? کي مسافر گاڏين مان لاٿو جڏهن ته باقي 17 ڄڻ?? کي ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪن مان لاهي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ کين فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. موسيٰ خيل ۾ جنهن هنڌ هي واقعو پيش آيو اتي هٿياربندن بي رحماڻي ڪارروائي کان پوءِ 10 کان وڌيڪ ??اڏي?? کي به باهه ڏئي ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند شاهراه تي ناڪو لڳائي مسافر?? کي ب??ن ۽ ٽرڪن مان لاهي سڃاڻپ کان پوءِ قتل ڪري ڇڏيو.