راولپنڊي – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تا??ڙ پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪيپٽ?? احمد بدر شهيد جي گهر ويو ۽ شهيد جي والد ڪرنل رٽائرڊ بدرالدين ۽ ٻين پونئيرن سان ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي ڪيپٽ?? احمد بدر شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. گهرڀاتين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪيپٽ?? احمد بدر شهيد اسان جو فخر آهي، قوم سندس قرباني ڪڏهن به نه وساريندي. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان ناهن وينديون. وفاقي وزير چيو ته شهيد جو والد هڪ عظيم ۽ باهمت پيءُ هجڻ جو ثبوت ڏنو، پنهنجي پٽ جي شهادت تي ??نهن جذبي جو اظهار ڪيو، پوري قوم کي ان تي فخر آهي. ملڪ جي لاءِ اهڙو جذبو اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو. هن چيو ته ا?? اسان پنهنجي گهرن ۾ محفوظ آهيون ته اهو احمد بدر شهيد جهڙن شهيدن جي قربانين جي ڪري آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ۽ پاڪ فوج خوارجي فتني جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، خوارجي فتني کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. هن چيو ته 27 رمضان المبارڪ تي هن ملڪ جو وجود ۾ اچڻ ان ڳالهه جي دليل آهي ته هي ملڪ پاڪستان قيامت تا??ين قائم رهندو. هن چيو ته تا??يخ ۾ اسلام جي نالي تي ٻه هجرتون ٿيون، هڪ هجرت مدينه ۽ هڪ هجرت 1947ع ۾ پاڪستان جي لاءِ ٿي، هي ملڪ عظيم قربانين سان حاصل ٿيو. هن چيو ته شهيدن جو اسان تي قرض آهي، الله تعاليٰ ڪيپٽ?? احمد بدر شهيد جي طفي?? اسان کي به توفيق ڏي ته اسان هن ملڪ جي خدمت ڪري سگهون. شهيد احمد بدر جي والدين کي سلام پيش ڪريون ٿا. ان موقعي تي ڪيپٽ?? احمد بدر شهيد جي والد ڪرنل رٽائرڊ بدرالدين ڳالهائيندي چيو ته مون کي فخر آهي ته آئون هڪ شهيد جو والد آهيان، جنهن دليريءَ ۽ جرئت سان منهنجي پٽ شهادت کي ڳلي لڳايو ان سان منهنجو ڳاٽ فخر سان بلند ٿي ويو. هن چيو ته شهادت کان اڳ منهنجي پٽ کي ان جي ساٿي چيو ته دشمن بلڪل سامهون آهي، پٺتي هٽي وڃو، پٽ چيو ته جيڪڏهن آئون پٺتي هٽي ويس ته قوم ۽ فوج کي ڪهڙو جواب ڏيندس. هن چيو ته پوري قوم منهنجي پٽ جي شهادت تي ??ن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي پوري ملڪ جو دل سان ٿورائتو آهيان. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تا??ڙ ڪالهه جمعي ڏينهن راولپنڊي ۾ موجود ڪيپٽ?? احمد بدر شهيد جي گهر پهتو ته ڪيپٽ?? احمد بدر شهيد جي والد ڪرنل رٽائرڊ بدرالدين ۽ ٻين پونئيرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي گلي لڳايو ۽ شهيد ڪيپٽ?? احمد بدر کي خراج عقيدت پيش ڪ??و.