اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي آهي ته وزيراعظم محمد شهب?تان/136327.html">?ز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت متوقع آهي، پاڪستان هر سال وانگر هن سال به ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن سميت ٻين معاملن ک?? اجاگر ڪندو. پريس بريفنگ ۾ هن بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر محمد يونس جي بيان تي ردعمل ۾ چيو ت?? پاڪستان سدائين بنگلاديش سان مضبوط ۽ ڊگهي مدي وارن لاڳاپن جو خواهشمند رهيو آهي. هن چيو ت?? ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ زبردست خيرسگالي موجود آهي ۽ توسيع ٿيل تعاون خطي ۾ علائقائي امن ۽ دوستي ۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندو. ترجمان چيو ت?? پاڪستان ۽ چين ڊگهي مدي واري تعاون سان گڏ هڪ جهڙي موسم رکندڙ پارٽنرز آهن. پاڪستان چين سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ک?? وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ڀارتي پرڏيهي معاملن واري وزير جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت تازي بيان بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاڪستان جي ان موقف جو ورجاءُ ڪيو ت?? هو ڪنهن به اهڙي بيان ک?? واضح طور تي رد ڪن ٿا جنهن ۾ اهو تجويز ڪيو ويو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار هڪطرفي طور طئي ٿيو آهي يا ٿي سگهي ٿو. هن چيو ت?? ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جنهن ک?? گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪرڻ گهرجي.