اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پارلياماني جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ سياسي استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آه?? ته جيئن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي، صدر ملڪ کي سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز مان ڪڍڻ جي لاءِ سياسي يڪجهتي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ايوان صدر ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز (پ پ پ پ)، عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي)، پاڪستان مسلم ليگ (ق) (پي ايم ايل ڪيو) ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) سان تعلق رکندڙ پارليامينٽرينز جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪري رهيو هو. آجياڻي ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آه??گي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، پنجاب جي گورنر سردار ??لي?? حيدر خان، خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي، اي اين پي جي صدر سينيٽر ايمل ولي خان، اڳوڻي وزيراعظم ۽ سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ، آءِ پي پي جي صدر عبدالعليم خان ۽ ملڪ جي سينيئر سياسي قيادت شر??ت ڪئي. تق??يب کي خطاب ڪندي صدر ڀائيچاري ۽ گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته خدمتن جي ??را??مي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي خوشحالي آڻڻ جي لاءِ سياسي، معاشي ۽ حڪومتي سڌارا ضروري آه??. هن چيو ته اسان کي پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي عوام جي ڀلائي جي لاءِ يڪجهتي سان ڪم ڪرڻو پوندو. مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ پارليامينٽرينز ملڪ ۾ استحڪام آڻڻ ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون. هنن قومي اهميت جي مسئلن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ صدر جي سياسي بصيرت ۽ ويزن کي پڻ ساراهيو.