اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان عوامي نيشنل پارٽي جي ??در سينيٽر ايمل ولي خان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ وارن معاملن، ملڪي صورتحال ۽ ڪي پي ڪي ۾ امن جي قيام لاءِ کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته دهشتگردي هر شڪل ۾ م??مت جوڳي آهي، دهشتگرديءَ خلاف قومي بيانيو پاڪستان جو آواز آهي. هن واضح ڪيو ته دهشتگرديءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سڀني کي هڪ ٿيڻو پوندو. اي اين پي دهشتگرديءَ جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي. هن چيو ته اي اين پي جي ماڻهن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهادتون ماڻيون آهن، اسان کين خراجِ عقيدت پي?? ڪريون ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اڄ سياسي ۽ گروهي فرق کان مٿانهون ٿي پاڪستان کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، انشاءَ الله عوام جي ??مايت سان دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪنداسين. اي اين پي جي ??در دهشتگردي جي ??اتمي لاءِ اي اين پي جي ??مايت جي ??اطري ڪرائي ۽ چيو ته دهشتگردن معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو، ان جنگ ۾ م??ن اوهان سان گڏ آهيان.