اسلام آباد – 12 ?? سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سوئيڊن ۽ بيلجيئم سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ٻئي ملڪ پاڪستان سان گڏيل تعاون وڌيڪ بهتر بڻائيندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جا??ي بيان موجب صدر کي سوئيڊن ۽ بيلجيئم جي سفيرن ايوان صدر ۾ سفارتي سندون پ??ش ڪيون. سوئيڊن ۽ بيلجيئم جي نامزد سفيرن ان موقعي تي صدر سان جدا جدا ملاقات ڪئي. سفيرن سان ڳالهائيندي صدر آصف علي زرداري چيو ت?? اميد آهي ته نامزد سفير پاڪستان سان گڏيل لاڀائتو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائيندا. صدر چيو ت?? بيلجيئم پاڪستان جو هڪ اهم واپاري حصيدار آهي، پاڪستان بيلجيئم سان ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ت?? پاڪستان ۽ سوئيڊن جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا آهن. صدر سوئيڊن سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. ان کان اڳ نامزد سفيرن کي ايوان صدر پهچڻ تي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پ??ش ڪيو.