اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو آهي، هو 30 سيپٽمبر تي پنهنجون نيون ذميواريون سنڀاليندو. ليفٽيننٽ جنرل عاصم هن وقت جي ايڇ ڪيو ۾ ايڊوجوٽنٽ جنرل جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ان ??ان پهريان بلوچستان ۾ انفنٽري ڊويزن ۽ و??ير??تان ۾ انفنٽري برگيڊ جي ڪمانڊ ڪري چڪو آهي. ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم پنهنجي ڪورس ۾ ا??زا??ي شمشير به حاصل ڪري چڪو آهي. ان ??ان علاوه چيف انسٽرڪ??ر اين ڊي يو ۽ انسٽرڪٽر ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽه ۾ به مقرر رهي چڪو آهي. ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ليون ورٿ ۽ رائل ڪاليج آف ڊفينس اسٽڊيز ۾ گريجوئيٽ به آهي.