نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي دنيا خاص طور تي يوڪرين ۽ فلسطين ۾ جنگبندي تي زور ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن جنگيون نه روڪيون ويون ته مستقبل اونداهون هوندو، فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ تي اسرائيلي قيادت جو احتساب ڪيو وڃي ۽ اسرائيل تي واپار ۽ هٿيارن سميت ٻيون پابنديون لڳائڻ جو وقت اچي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي سل??مت?? ڪائونسل جي ”ليڊر فار پيس“ جي موضوع تي اعليٰ سطحي مباحثي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اهو مباحثو منعقد ڪرڻ تي سلوانيه کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، وچ اوڀر، يورپ ۽ ڪنهن به جاءِ تي جنگين جو ڦه??اء??، عالمي طاقتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ غربت ۾ اضافو ورلڊ آرڊر جي بنيادن جي ??اء?? خطرناڪ آهي، اسان ڪجهه ڏينهن اڳ مستقبل جي پيڪٽ کي منظور ڪيو آهي، اسان کي پنهنجي واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته جنگين سان مستقبل اونداهو هوندو. هن چيو ته اسان کي اسرائيل کي غزه ۾ نسل ڪشيءَ ۽ وچ اوڀر ۾ تڪرار جي ڦه??اء?? سان روڪڻ گهرجي، اسرائيل تي واپار ۽ هٿيارن سميت ٻيون پابنديون لڳائڻ جو وقت آهي، فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي قيادت جي ڏوهن تي ان جو احتساب ڪيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بيروت تي بمباري انتهائي مذمت جوڳي آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سل??مت?? ڪائونسل يوڪرين ۾ جنگبندي ۽ پرامن حل جي ??اء?? غيرجانبداراڻو منصوبو ٺاهي، ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته سل??مت?? ڪائونسل پرا??ي تڪرار ڄمون ۽ ڪشمير کي وڌيڪ نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي، ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي سان عالمي امن ۽ سل??مت?? کي مستقل خطرا آهن، سل??مت?? ڪائونسل کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي وڏي پئماني تي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي ??اء?? گڏيل قومن جي سل??مت?? ڪائونسل جي قراردادن تي عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سل??مت?? ڪائونسل کي افغانستان سان خاص طور تي فتنه الخوارج جي دهشتگردي جي خطرن جي ٻيهر اڀرڻ جي معاملي کي منهن ڏيڻ تي موثر ڌيان ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سل??مت?? ڪائونسل دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ ۽ غيرملڪي مداخلت روڪڻ جي ??اء?? آفريقي ملڪن کي تعاون فراهم ڪري، گڏيل قومن جي امن مشنز کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي، گڏيل قومن کي وڏين طاقتن جي وچ ۾ جنگ کان بچاءُ ۽ خاص طور تي ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي حل ??اء?? اعتمادسازي جي ??اء?? قدم کڻڻ گهرجن، ملڪن جي وچ ۾ مقابلو سٺي ڳالهه آهي پر ان کي تڪرار ۾ تبديل نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته سل??مت?? ڪائونسل کي طاقت جي غيرقانوني استعمال تي زيرو ٽالرنس جو اعلان ڪرڻ گهرجي ۽ ائٽمي ۽ روايتي هٿيارن جي نئين ڊوڙ کي روڪڻ جي ??اء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. نئين هٿيارن ۽ مصنوعي ذهانت سميت جديد ٽيڪنالاجي تي ڪنٽرول ٿيڻ گهرجي ڇو ته اهي انتهائي خطرناڪ آهن. ٻين ميمبر ملڪن سان تعاون جي ڏس ۾ هن چيو ته جڏهن پاڪستان ايندڙ سال سل??مت?? ڪائونسل ۾ پنهنجي سيٽ سنڀاليندو ته پنهنجي هدفن تي عمل ڪندو.