نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي خا??مي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽُڪن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت جي لاءِ گيٽس فائونڊيشن جي پاڪستان سان تعاون کي ساراهيندي ملڪ مان پوليو جي مڪمل خا??مي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي بل اينڊ م??ينڊا گيٽس فائونڊيشن جي باني ۽ شريڪ چيئرمين بل گيٽس ملاقات ڪئي. هلندڙ سال جون ۾ بل گيٽس جي پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ڊسمبر 2024ع ۾ سيٽل مين گيٽس فائونڊيشن جي دوري جي دعوت تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم پوليو جي خا??مي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽيڪن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت جي لاءِ گيٽس فائونديشن جي پاڪستان سان تعاون کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم ملڪ مان پوليو جي مڪمل خا??مي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ان ڪوشش ۾ پراڻي تعاون تي بل اينڊ م??ينڊا گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۾ صحت جي نظام جي مضبوطي ۽ ماءُ ۽ ٻار جي غذائيت جي لاءِ مس??سل ڪوششن ۽ تعاون جي ??رو??ت تي زور ڏنو. پاڪستان جي پوليو جي خا??مي جي لاءِ ڪوششن جو اعتراف ڪندي بل گيٽس زور ڏنو ته پوليو جو خا??مو ايندڙ نسلن کي ان موذي بيماري کان بچائڻ جي لاءِ تمام ??رو??ي آهي. هن سڄي ملڪ ۾ پوليو ويڪسين پروگرام ۾ وزيراعظم جي ذاتي نگراني ۽ صوبائي حڪومتن جي قدمن کي ساراهيو. بل گيٽس افغانستان سان صحت جي جامع ڊائيلاگ تي روشني وڌي ۽ انهن قدمن جي لاءِ تعاون جي درخواست ڪئي. هن انهن جاين تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ تي پنهنجي رضامندي جو پڻ اظهار ڪيو جتي ٻارن کي پوليو ويڪسين اڃا تائين ميسر نه ٿي يا پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار جو انگ وڌيڪ آهي، خا?? طور تي جتي ٻارن کي بيماري لڳڻ جي شرح وڌيڪ آهي. گيٽس وزيراعظم کي شاهه سلمان انساني امداد ۽ ريليف سينٽر جي پوليو ۽ ٻي صحت بابت امداد جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم سان بي ايم جي ايف جي غذائيت تي ڪم خا?? طور تي حاملا عورتن جي لاءِ مائيڪرو نيوٽرينٽس بابت پڻ ٻڌايو ۽ چيو ته يونيسيف جي تعاون سان انهن کي اضافي وٽامن فراهم ڪري ان کي ڪيئن وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم گيٽس فائونڊيشن جي غزه ۾ پوليو مهم کي ساراهيو. هن فوري جنگبندي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب تڪرارن جي حل تي زور ڏنو. هن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هڪ اعتماد جوڳي اتحادي هجڻ تي بي ايم جي ايف کي ساراهيو ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ايس ٽي اي ايم، تعليم، زراعت ۽ لائيو اس??اڪ جهڙن شعبن ۾ تعاون کي وسيع ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.