اسلام آباد- پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ?? بزرگن جو عالمي ڏ??اڙو اڱاري ڏ??نهن ملهايو ويو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو بنيادي مقصد بزرگ ماڻهن جي حقن، فلاح ۽ بهبود جي حوالي سان ??گاهي فراهم ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي انگن اکرن مطابق 2013ع ۾ سڄي دنيا ?? بزرگن جو انگ 84 ڪروڙ 10 لک هو جڏهن ته 2050ع تائين سڄي دنيا ?? اهو انگ 2 ارب تائين وڌي ويندو ۽ ان وقت هر 10 بزرگن مان 8 جو واسطو گهٽ ترقي يافته ملڪن سان هوندو. واضح رهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 14 سيپٽمبر 1990ع ۾ هر سال پهرين آڪٽوبر تي بزرگ ماڻهن جو عالمي ڏ??نهن ملهائڻ جي قرارداد منظور ڪئي هئي. جنهن بعد هر سال پهرين آڪٽوبر تي بزرگ ماڻهن جو عالمي ڏ??نهن ملهايو ويندو آهي. بزرگن جي عالمي ڏ??اڙي جي موقعي تي سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ منعقد تقريبن ۾ بزرگن جي مسئلن، انهن جي حل ۽ فلاح ۽ بهبود جي حوالي سان ??وام ۾ شعور اجاگر ڪيو ويو.