لاهور -23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پوليو کان حف??ظت جو عالمي ڏينهن 24 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ صحت کاتي پاران مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن ۾ صحت جا ماهر پ??ليو کان حف??ظت بابت اپائن تي روشني وجهندا جڏهن ته عوام کي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا حف??ظتي ڦڙا پيارڻ لاءِ آگ??هي فراهم ڪندا. پاڪستان ۾ ان ڏينهن جي موقعي تي پوليو ورڪرز جي اڻٿڪ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ مختلف خانگي ۽ سرڪاري ادارن سميت صحت کاتي پاران خاص پر??گر??م منعقد ڪيا ويندا. جڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پڻ پوليو جي روڪٿام جي حوالي سان خاص پر??گر??م نشر ۽ مضمون شايع ڪيا ويندا.