باڪو –; 13 ??? نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ??وپ 29 جي موقعي تي انتهائي پرجوش ۽ خوشگوار ملاقات ٿي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايڪس تي پنه??جي پوسٽ ۾ چيو ته باڪو ۾ ورلڊ ليڊرز ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي ڪامياب انعقاد تي کيس مبارڪباد ڏيندي موسمياتي تبديلي سان لاڳاپيل معاملن تي ڪم جي عزم کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا ?? موسمياتي تبديلين جي انتهائي شڪار ملڪن مان هڪ آهي ۽ هو موسمياتي چئلينجن ک?? منهن ڏيڻ جي لاءِ آذربائيجان ۽ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم رکي ٿو. وزيراعطم چيو ته ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي مستحڪم بڻائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي خاص طور تي اقتصادي ۽ دفاعي تعاون، ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ٻين عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته اسان گڏجي هڪ لچڪدار ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل مستقبل جي لاءِ ڪوشش جو عزم ڪريون ٿا.