اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) حج 2025ع لاءِ درخواستن سميت بقايائون جمع ڪرائڻ لاءِ ڄاڻايل ب??نڪن جون بر??نچ??ن ڇنڇر ۽ آچر تي کليل رهنديون. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري بيان موجب اسٽيٽ بئنڪ ڀلي پار ويندڙن کي حج 2025ع جو درخواست فارم ۽ بقايا رقم جمع ڪرائڻ ۾ سهولت ڏيڻ خاطر مذهبي معاملن واري وزارت ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي درخواست تي 15 ڄاڻايل ب??نڪن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي سڄي ملڪ ۾ پنهنجون لاڳاپيل ب????نچ??ن 30 نومبر ۽ پهرين ڊسمبر تي صبح 9 وڳي کان اڍائي وڳي تائين کولي رکن. ان کان اڳ حج پا??يسيءَ جي حوالي سان مذهبي معاملن واري وزارت ۽ بين المذاهب هم آهنگي 15 بئنڪن يع??ي نيشنل ب??نڪ آف پاڪستان، حبيب بئنڪ، يونائيٽيڊ بئنڪ، ايم سي بي، الائيڊ بئنڪ، بئنڪ آف پنجاب، بئنڪ الفلاح، زرعي ترقياتي بئنڪ، فيصل ب??نڪ، عسڪري بئنڪ، بئنڪ الحبيب، حبيب ميٽرو پوليٽن بئنڪ، سنهري بئنڪ، ميزان بئنڪ ۽ بئنڪ اسلامي کي اجازت ڏني هئي ته اهي حج 2025ع لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڀلي ويندڙن کان درخواست فارم بقايائن سميت رقم 18 نومبر کان 3 ڊسمبر تائين وصول ڪري سگهن ٿا.