اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڪارروائي دو??ان 2 دهشتگردن کي جهنم وا??ل ڪرڻ ۽ هڪ کي گرفتار ڪ??ڻ تي فورسز کي ساراهيو. هن ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پوري قوم فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.