اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اط??اعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ريڊيو پاڪستان رياست جو اهم حصو آهي، موجوده حڪومت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ رياستي ميڊيا کي پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هو سينيٽ جي اط??اعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي خطاب ڪري رهي هئ??. اجلاس جي صدارت ڪ??يٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد ڪئي. وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اڳوڻن دورن ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ به سياسي بنيادن تي ميرٽ جون ڌڄيون اڏايون ويون.