اسلام آباد – 26 مئي (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيج??ين?? اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل ??حم?? افضل چيو آهي ته سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ 4200 جي لڳ ڀڳ وينٽي ليٽرز موجود آهن ۽ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان ??تاثر مريضن جي لاءِ وينٽي ليٽرز جي گهٽتائي يا کوٽ نه آهي. هن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اضافي 1310 وينٽي ليٽرز جي خريداري لاءِ آرڊرز اڳ ۾ ئي ڏنا ويا آهن. ليفٽيننٽ جنرل ??حم?? افضل چيو ته وينٽي ليٽرز کي هلائڻ جي لاءِ تربيت يافته عملي جي ضرورت هوندي آهي. جن ڪمپنين کان ??ينٽي ليٽرز خريد ڪيا پيا وڃن انهن کان عملي کي تربيت ڏيڻ، وينٽي ليٽرز هڻڻ ۽ هڪ سال کان ??ٺي ٽن سالن جي مدي تائين ان جي مرمت کي يقيني بڻايو ويو آهي، آمريڪا به پاڪستان کي 200 وينٽي ليٽرز ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، انهن مان اڌ تمام جلد پاڪستان ??هچي ويندا، انهن ۾ ڪراچي ۽ پشاور کي 30، 30، بلوچستان کي 15 ۽ فيصل آباد کي 10 ۽ لاهور کي 15 وينٽي ليٽرز ڏنا ويندا.