اسلام آباد-05 جون(اي پي پي) وزيراعظم جي پوليٽيڪل ڪميونيڪيشنز بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پي ٽي آءِ پهريون ڀيرو هيٺين سطح تي پڻ عوامي نمائندن کي سامهون آڻڻ جو موقعو ڏنو، وزيراعظم پ??رٽل ۾ 22 لک شڪايتون موصول ٿي چڪيون آهن، آئنده وزيراعظم سٽيزن پورٽل جي ماهوار رپورٽ پيش ڪئي ويندي. هن وقت تائين بي پنا??ه اهميت جوڳا 28118 شڪايتن جو ازالو نه ٿي سگهيو آهي جن ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪايتون سنڌ جي ادارن جي باري ۾ آهن، شهباز شريف ماڻهن جي ذاتيات کان بيان بازي کان پاسو ڪري ۽ پنهنجي ڪرپشن جو حساب ڏي، اسان کي اها به خبر آهي ته شهباز شريف پنهنجي مفرور ڀاءُ نواز شريف جو ضامن آهي. پ پ جي اڪثر سرڪرده اڳواڻ ڪرپشن جي الزامن ۾ ورتل آهن. اه??ن خيالن جو اظهار پي آءِ ??ي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ??يو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ميمبر صداقت عباسي ۽ ڪنول شوزب ساڻس گڏ هئا.