اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي وبا سان معاشري جو ڪمزور ۽ پورهيت طبقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، انهن جي تحفظ لاءِ گڏيل حڪمت عملي ??وڙ??ي پوندي، پاڪستان ڪرفيو ۽ مڪمل لا?? ڊائون بدران سمارٽ لا?? ڊائون جو طريقو اختيار ڪ??و ۽ تعميرات ۽ زرعي شعبن کي کوليو، غيررسمي معيشت سان واڳيل پورهيت طبقي کي روڪ امداد فراهم ڪئي، وڏي انگ ۾ اسان جا ورڪرز ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو ڪمائين ٿا، اسان کي وڏن ملڪن کي ان مسئلي تي ??ائ?? ڪرڻو پ??ندو ته اهي پورهيت طبقي سان همدرداڻو رويو اختيار ڪ??. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جي اهتمام هيٺ 5 ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس کي وڊيو ڪانفرنس ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.