اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي سان هراسيت جي روڪٿام بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي کي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ اداري ج?? ڪردار جي باري ۾ بريفنگ ڏني. صدر کي بريفنگ ڏيندي هراسيت جي روڪٿام بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق چيو ته وفاقي محتسب جلد انصاف فراهم ڪيو ۽ 93 سيڪڙو رجسٽرڊ ??يس اڪلايا ويا آهن، محتسب سيمينارز ۽ پريس ڪانفرنسن جي انعقاد سان آگاهي پيدا ڪئي، صدر ماڻهن کي ت??ز تر ۽ سستي انصاف جي فراهمي ۾ اداري ج?? ڪردار کي ساراهيو.