اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ان وقت تائين ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو جيستائين انهن کي ان جو جائز حق، خودمختياري جو حق نه ٿو ملي و??ي، پاڪستان جي پوري قوم، سياسي پارٽيون، سياسي ۽ عسڪري قيادت ڪشمير جي معاملي تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿيون. اها ڳالهه هن ڪشمير جي صورتحال تي پرڏيهي وزارت ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جي صدارت ڪندي چئي. پرڏيهي وزير سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي ڀارت جي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. شاهه محمود قريشي چيو ته سمورا ڪشميري گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪا آهن. پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کي هر عا??مي فورم تي بي نقاب ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت سرڪار جي هندوتوا پاليسي نه رڳو ڪشميرين پر پوري خطي جي امن امان جي لاءِ خطرن جو سبب آهي. ڀارت والار??ل ڪشمير ۾ ڊوميسائيل قانونن ۾ تبديلي ڪري آبادي جي تناسب کي تبد??ل ڪرڻ چاهي ٿو جيڪا عا??مي قانونن جي خلاف ورزي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ پاڪستان جون سموريون سياسدي پارٽيون ڪشمير مسئلي تي متحد آهن. ??ر ايس ايس جي سوچ تي گامزن بي جي پي جي سرڪار پنهنجي هندوتوا سوچ جي ڪري نه رڳو ڪشميرين کي پر ڀارت جي اندر رهندڙ اقليتن جي دلين ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيو. ڀارت ڏاڍ ۽ قيد ۽ بند جي اذيتن جي باوجود معصوم ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور نه ڪري سگهيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ پوري دنيا آڏو ڀارت سرڪار جو اص?? چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، اڄ دنيا ڀارت جي نفرت انگيز پاليسين کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي.